اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيئر مين محسن نقوي قذافي ??سٽ??ڊيم ۾ جاري نئين تعميراتي ڪم جو جائزو ??ٺڻ لاءِ اوچتو دورو ڪيو، 53 ڏينهن ۾ ??سٽ??ڊيم جو مجموعي طور تي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو جنهن ۾ مين بلڊنگ جو اسٽرڪچر 100 سيڪڙو، پويلين 90 سيڪڙو جڏهن ته انڪلوزرز جو تعميراتي ڪم 75 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. محسن نقوي کي ٻڌايو ويو ته تماشائين جي سيٽن لاءِ اسٽرڪچر جي تعمير ۽ خندقن جو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي. پي سي بي چيئرمين پويلين فلورز تي ڪيل جاري ڪم جو جائزو ??رتو ۽ خندقن جي ٻنهي پاسي گرل لڳائڻ جي هدايت ڪئي. هن قذافي ??سٽ??ڊيم جي نئين سر تعمير جي ڪم تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي ا??مي??ان جو اظهار ڪيو . محسن نقوي جو چوڻ هو ته 10 آ??ٽوبر تي قذافي ??سٽ??ڊيم جي نئين سر تعمير جي ڪم جي باقاعده شروعات ڪئي وئي هئي الحمد الله 53ڏينهن ۾ انتهائي تيز ۽ اعليٰ معيار سان ڪم ڪيو ويو ۽ ڏينهن رات ڪم جاري آهي.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي پاران قذافي اسٽيڊيم جو دورو، نئين تعميراتي ڪم جو جائزو
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná