اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري زوب ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪامياب ڪارروائي دوران 15 خوارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن ??پريشن دوران دهشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ سپاهي عارف الرحمان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو، هن ??هيد جي درجن ??ي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا