اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ت??قي ۽ عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر شاهه غلام قادر پڻ م??جود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بلوچستان جي ت??قي ۽ عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون ته جيئن اهي ملڪي ت??قي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. ملاقات ۾ بلوچستان صوبي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلوچستان جي گورنر صوبي جي ت??قياتي منصوبن ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. شاهه غلام قادر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي توانائي جي مسئلن جي حل جي حوالي سا?? 23 ارب رپين جي پئڪيج جي فراهمي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف شاهه غلام قادر سا?? ڳالهائيندي چيو ته توهان پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪريو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ملي.
بلوچستان جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ