اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ون??ورسل هيلٿ ڪوريج جي ??اء?? عالمي قدمن کي ساراهيندي پاڪستان پاران انهن قدمن جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??ون??ورسل هيلٿ ڪوريج ڊي 2024ع تي پنهنجي پيغام ۾و زيراعظم چيو ته اسان ڪنهن شهري جي سماجي ۽ اقتصادي حيثيت کان هٽي ڪري س??ني جي ??اء?? صحت جي سارسنڀال کي پهچ جوڳو بڻائڻ کي اخلاقي طور تي پنهنجو فرض سمجهن ٿا. هن چيو ته صحت تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه اسان جي قومي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي تي ٺاهه هوندو، هي هڪ اهڙو شعبو آهي جنهن کان مُنهن نٿو موڙي سگهجي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال ??ون??ورسل هيلٿ ڪوريج ڊي جو موضوع ”صحت: حڪومت جي ذميواري“ آهي، ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ ته ڪنهن شخص کي پنهنجي صحت جي سارسنڀال ۽ بنيادي ضرورتن جهڙوڪ خوراڪ، رهائش يا تعليم مان ڪنهن هڪ جي چونڊ نه ڪرڻي پوي، حڪومت جي ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته ان هدف کي حاصل ڪرڻ جي ??اء?? اسان جي حڪومت صحت سهولت پروگرام جهڙا قدم متعارف ڪرايا آهن، جنهن جي سربراهي قومي صحت واري وزارت ”صحت س??ني جي ??اء??“ جي عنوان سان ڪري رهي آهي. هي پروگرام جنهن کي عالمي سطح تي ڊبليو ايڇ او جهڙين تنظيمن پاران ساراهيو پيو وڃي، معاشري جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن کي ترجيح ڏيندي لکين خاندانن کي مفت صحت جي سهولت فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته حڪومت صحت جي سارسنڀال جي بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ۽ ڳوٺاڻي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ خصوصي طور تي انتهائي ضروري زندگي بچائيندڙ دوائن تائين پهچ کي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 2030ع تائين پائيدار ترقي جي هدفن ۾ واضح ڪيل صحت بابت هدفن کي حاصل ڪرڻ جي ??اء?? پرعزم آهي. اسان گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن سان اهڙو فريم ورڪ تيار ۽ مضبوط ڪرڻ جي ??اء?? تعاون جاري رکنداسين جيڪي صحت کي بطور بنيادي انساني حق ترجيح ڏين ٿا.
وزيراعظم پاران يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي لاءِ عالمي قدمن جي واکاڻ، پاڪستان پاران ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔