اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ مختلف آپريشنز دوران 43 دهشتگرد جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽ?? فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته پاڪستان جي بهادر فوج دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ هر وقت سرگرم عمل آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن ايوان صدر ??ي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فتنه الخوارج ۽ بلوچستان ۾ سرگرم ٻين دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻ ت?? فورسز جي بهادري کي سار??هي??. صدر چيو ته مختلف آپريشنز دوران وڏي پئماني تي دهشتگردن جو خاتمو سيڪيورٽ?? فورسز جي وڏي ڪاميابي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سيڪيورٽ?? فورسز جي ڪردار معترف آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي ??ٿي??ربند فوج دهشتگردي جي خلاف وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:13
صدر پاران سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : رومن دولت