اسلام آباد– 25 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي ڪابينا ڊويزن جو هيليڪاپٽر پارا چنار ۾ دوائن جي فراهمي، مريضن جي منتقلي ۽ ٻين ام??ادي سرگرمين جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي پارا چنار ۾ ام??ادي سرگرميون جاري آهن، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿ??رٽي وزيراعظم جي هدايت تي پارا چنار جي ٻارن، عورتن ۽ بزرگ ماڻهن جي ايمرجنسي طبي ضرورتن جي لاءِ دوائون پهچائڻ جو اهم ريليف آپريشن ڪري رهي آهي. وزيراعظم جي هدايت تي 500 ڪلوگرام دوائون کڻي پهريون هيليڪاپٽر اڄ پارا چنار پهتو، واپسي تي اهو 4 مريضن کي علاج جي لاءِ اسلام آباد کڻي آيو. ٻيو هيليڪاپٽر اڄ ٻنپهرن جو وڌيڪ 500 ڪلوگرام دوائون کڻي اسلام آباد کان پارا چنار جي لاءِ روانو ٿيندو جيڪو واپسي تي اتان مريضن کي اسلام آباد کڻي ايندو. سندس چوڻ هو ته ڏک ۽ مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ پارا چنار ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون.
وزيراعظم جي هدايت تي ڪابينا ڊويزن جو هيليڪاپٽر پارا چنار ۾ دوائن جي فراهمي، مريضن جي منتقلي ۽ ٻين امدادي سرگرمين جي لاءِ مخصوص
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری