اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمر??ڪي سفير ڊونلڊ بلوم الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ -آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزير محسن نقوي پاڪ -آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمر??ڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي خدمتن کي ساراهيو. گهرو وزير محسن نقوي آمر??ڪي سفير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمر??ڪي سفير پاڪستان ۾ تازو ٿيل دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪئي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، عالمي برادري کي گڏجي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ لائحه عمل بڻائڻو پوندو. ڪنهن به غير ??ان??ني پرڏي??ي کي پاڪستان ۾ رهڻ جي هرگز اجازت ن?? ڏني ويندي. آمر??ڪي سفير چيو ته پاڪستان ۾ مقرري دوران سمورن ادارن جو ڀرپور تعاون حاصل رهيو. وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا ۽ آمر??ڪي ڊپٽي هيڊ آف مشن نيٽلي بيڪر به ان موقعي تي موجود هئي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي الوداعي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج