والاريل بيت المقدس-08 ڊسمبر (اي پي پي) فلسطين آرٽيڪل 99 جي حوالي سان گڏيل قومن جي ??يڪ??يٽري جنرل انتونيو گوتريش جي قدمن جي آجيان ڪندي ان کي غزه جنگ جي خاتمي لاءِ ضروري قرار ڏئي ڇڏيو. العربيه اردو موجب فلسطيني پرڏيهي وزارت گڏيل قومن جي خلاف اسرائ??ل طرفان ڪيل سياسي دهشتگردي جي مذمت ڪئي ۽ سلامتي ڪائو??سل سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. واضح رهي ته گڏيل قومن جي ??يڪ??يٽري جنرل باضابطه طور تي 15 رڪني سلامتي ڪائو??سل کان مطالبو ڪيو ته هو غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري. 2017ع ۾ گڏيل قومن جي ??يڪ??يٽري جنرل جي طور تي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 99 سان رابطو ڪيو آهي، هي آرٽيڪل گڏيل قومن جي اڳواڻ کي ڪنهن به اهڙي مسئلي کي سلامتي ڪائو??سل ۾ موڪلڻ جي اجازت ڏي ٿو جنهن سان ان جي خيال ۾ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرو هجي. ٻئي پاسي يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي اهلڪار جوزپ بوريل به ان معاملي تي گڏيل قومن جي ??يڪ??يٽري جنرل جي حمايت ڪئي آهي.
غزه ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي قدمن جي آجيان ڪريون ٿا: فلسطيني پرڏيهي وزارت
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores