رياض-28 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سربراهي ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ اندروني ادار?? کي منظم ڪرڻ لاءِ قومي فريم ورڪ ۽ ريلوي سسٽم جي ضابطن جي منظوري ڏني وئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اجلاس ۾ معذور ماڻهن لاءِ غير سرڪاري ادارن ۾ فراهم ٿيندڙ سهولتن جا ضابط?? مقرر ڪرڻ ۽ خاص ماڻهن لاءِ پيشيور پروگرامن جا ضابطا تيار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا اجلاس جي شروعات ۾ شاهه سلما?? کي جمهوريه تاجڪستان جي صدر پاران مليل پيغام سميت ملڪ جي ولي عهد ۽ وزيراعظم سان يوڪرين جي صدر ۽ رشين فيڊريشن جي وفد جي ملاقات جي حوالي سان پڻ ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو. جڏهن ته برازيل ۾ ٿيل جي 20 پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کان پڻ آگاهي فراهم ڪئي وئي. وزيرن واري ڪائونسل سعودي آئل ڪمپني آرامڪو کي گئس جي ذخيرن ۾ اضافي جي حوالي سان مليل ڪاميابي?? کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو، ڪابينا عرب گهرو وزيرن جي 41 هين اجلاس جي حوالي سان پڻ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قونصل فلسطين ۽ خاص طور تي غزه پٽي ۽ ان جي ڀرپاسي واري انساني صورتحال جي سنگي?? کي ختم ڪرڻ واري معاملي تي پڻ ڳالهيون ڪيون ۽ اتي وڌندڙ عسڪري ڪاررواي?? کي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو، اجلاس ۾ ملڪ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهي?? کي بهترين قدم قرار ڏنو ويو.اجلاس ۾ صحت واري وزير يا ان جي مقرر ڪيل نمائندي کي ترڪمانستان جي صحت واري وزارت سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو جنهن موجب ٻئي ملڪ دواسازي ۽ صحت جي معاملن ۾ سهڪار ڪندا.
غزه ۾ وڌندڙ عسڪري ڪارروايون امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن: سعودي ڪابينا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا