گڏيل قومون -19 مارچ (اي پي پي) غزه ۾ جاري اسرائيلي جنگ ۾ شهري آبادي کي بک ۽ ڏڪار جي خطرن جي حوالي سان گڏيل قومن هڪ ٻي ڳڻتي واري رپورٽ جاري ڪئ?? آهي. العربيه مطابق گڏيل قومن طرف??ن تيار ڪيل هڪ رپورٽ ۾ اڳڪٿي ڪئي وئ?? آهي ته غزه ۾ هاڻي ۽ مئي جي وچ تائين ڏڪار پکڙجڻ جو امڪان آهي جتي هن وقت 3 لک ماڻهو هاڻي به ويڙهه سبب ڦاٿل آهن. فوڊ سيڪيو??ٽي جي مربوط عارضي درجه بندي تي ٻڌل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته غزه پٽي ۾ بک سبب ”تباهه ڪندڙ“ سطح کي منهن ڏيندڙ ماڻهن جو تعداد وڌي 1.1 ملين ٿي ويو آهي جيڪو آبادي جو اڌ حصو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته امڪان آهي ته مارچ 2024ع جي وچ کان مئي 2024ع تائين غزه جي پٽي جي وڏي آبادي ڏڪار جي لپيٽ ۾ اچي سگهي ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته غزه ۾ هر ماڻهو کاڌي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ اتر غزه ۾ اٽڪل 210000 ماڻهو بک جي پنجين مرحلي ۾ آهن جيڪو تباهه ڪند?? بک جي نشانده?? آهي.
غزه جي 70 سيڪڙو آبادي مئي تائين تباهه ڪندڙ ڏڪار جو شڪار ٿي سگهي ٿي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔