بيج??گ-27 مارچ (اي پي پي)چين خيبرپختونخواهه ۾ داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي ??هش??گرد حملي جي مذمت ڪندي ان واقعي جي جلد تحقيقات جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چين – پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاڪستان ۾ داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي ??هش??گرد حملي تي اربع ڏينهن تبصرو ڪندي چيو آهي ته چين ان ??هش??گرد حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ پاڪستان کان ان واقعي جي جلد کان جلد تحقيقات مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته 26 مارچ تي ڪي پي ڪي صوبي ۾ چيني ڪمپني جي داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي ??هش??گرد حملي ۾ 5 چيني ۽ هڪ پاڪستاني شهري فوت ٿيا. هن سوڳوار ڪٽنب سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته اسان جي خواهش آهي ته پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. چين پاڪستان سان هر ممڪن ڪوشش سان فالواپ آپريشن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني چيني شهرين ۽ پاڪستان ۾ ڪاروباري ادارن کي سيڪيورٽي صورتحال تي ويجهي رکڻ، حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ??هش??گرد حملن خلاف اضافي حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان سدار بهار اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل شراڪتدار ۽ مضبوط دوست آهن ۽ چين پاڪستان ??قت??ادي راهداري (سي پيڪ) پاڪستان جي سماجي ۽ ??قت??ادي ترقي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته چين پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. هن چيو ته چين هر قسم جي ??هش??گردي جي مخال??ت ڪري ٿو ۽ ??هش??گردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چين پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي مڪمل تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان سان وڌيڪ مضبوطي سان ڪم ڪندو.
چين – پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي: چين جي پرڏيهي وزارت پاران داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي ٿيل حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک