گڏيل قومون-29 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن جي ??وڊ اي??نسي ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) چيو آهي ته جنگ سبب تباهه ٿيل غزه ۾ اسرائيلي فوج طرفان ملٽري چيڪ پوائنٽ ويجهو فائرنگ ۾ گاڏي کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ پنهنجي عملي جي چرپر کي ٻئي حڪم تائين معطل ڪري رهيا آهيون. ڊبليو ايف پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سنڊي ميڪ ڪين ڪالهه اٽلي جي گادي واري شهر روم مان جاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي فوج جي ??ائرنگ ۾ اداري جي گاڏي کي نشانو بڻائڻ جو واقعو مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي جنهن غزه ۾ ڊبليو ايف پي جي ??يم جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن اسرائيلي عملدارن ۽ تڪرار جي سمورين ڌرين کان مطالبو ڪيو ته هو غزه ۾ سمورن امدادي ڪارڪنن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري طور تي قدم کڻن. ڊبليو ايف پي چيو ته حملي ۾ ڪو به زخمي ناهي ٿيو. ڪالهوڪي واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته موجوده ڊي ڪنفليڪشن سسٽم ناڪام ٿي رهيو آهي ۽ اهو وڌيڪ نٿو هلي سگهي. گڏيل قومن جي ??رلڊ فوڊ پروگرام جي ??يم اڱاري جي رات هڪ مشن سان اداري ج?? ٻن بڪتر بند گاڏين ??ان غزه جي ??رڪزي علائقي ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي ??افلي کي وٺي واپس اچي رهي هئي ته اسرائيلي فوج گاڏي کي سڌي ريت فائرنگ جو نشانو بڻايو جڏهن ته گاڏي چيڪ پوائنٽ طرف وڌي رهي هئي، وادي غزه پل تي ان چوڪي کان رڳو ڪجهه ميٽر جي ??اصلي تي ڊبليو ايف پي اطلاع ڏنو ته گاڏي تي گهٽ ۾ گهٽ 10 گوليون فائر ڪيون ويون، گڏيل قومن جي ??وڊ اي??نسي چيو ته غزه پهرين ??ي نازڪ صورتحال محدود وسيلن ۽ وڌندڙ خطرن سبب وڌي وئي آهي، جنهن سبب فلسطينين کي خوراڪ جي ??راهمي گهٽ ٿي رهي آهي. ڊبليو ايف پي موجب انساني همدري جا ڪارڪن تيزي سان اسرائيلي فوجي ڪاررواين ??ي زد ۾ اچي رهيا آهن ۽ کين ??زه ۾ زندگي بچائيندڙ امداد پهچائڻ لاءِ ڪيترائي چئلينج درپيش آهن.
گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام غزه ۾ امدادي آپريشنز معطل ڪري ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار