اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان ڪشمير جي مسئلي تي آخري حد تائين وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 50 سال کانپوءِ پهريونڀ يرو سلامتي ڪائونسل ۾ ڪشمير مسئلي تي غور ڪيو ويو،ڀارت جيڪو مسئلو دنيا جي نظرن کان پري ڪري ڇڏيو هو اڄ ڀارت بي نقاب ٿي ويو، پاڪستان خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشمرين جي حمايت جاري رکندو، ايٽمي هٿيارن جي استعمال ۾ اڳرائي بابت ڀارت جي دفاعي وز??ر جو بيان غير ذميداراڻو ۽ احمقاڻو آهي، جيستائين هندستان جو پرڏيهي وز??ر ڪشمير مان ڪرفيو ختم نٿو ڪري ۽ جارحيت جو خاتمو نٿو آڻي پرڏيهي وز??ر طور ساڻس ڪو به رابطو نه ڪندس، پرڏيهي وزارت ۾ ولاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس بابت پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي درخواست تي 42 ڪلاڪن ۾ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو ويو.
ڪشمير جي مسئلي تي آخري حد تائين وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina