رياض-05 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب طرفان غزه جي متاثرن لاءِ شروع ڪيل عوامي عطيي واري مهم ۾ هن وقت تائين ڪل عطيو 625 ملين ريال جمع ٿيا آهن. سبق وي?? سائيٽ موجب شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي هدايت تي ع??ام ۾ عطيي واري مهم جاري آهي. مهم شروع ڪرڻ جو اع??ان شاهه سلمان انساني امداد واري مرڪز جي نگران اع??يٰ ۽ شاهي مشير ڊاڪٽر عبدالله بن عبدالعزيز الربيعه ڪيو هو. غزه جي متاثرن لاءِ شروع ڪيل ان عطيي جي مهم ۾ سڀ کان پهرين شاهه سلمان بن عبدالعزيز طرفان 30 ملين ريال عطيو ڪيو ويو، بعد ۾ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفان 20 ملين ريال جو عطيو مرڪز جي ساهم ??ورٽ ۾ جمع ڪيو ويو. مهم شروع ٿيڻ کان هن وقت تائين 17 لک 11 هزار ماڻهن غزه ۾ پنهنجي فلسطيني ڀائرن لاءِ عطيا جمع ڪرايا آهن.
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک