عمان – 08 مارچ (اي پي پي) رائل اردني فضائيه جي جهازن اتر غزه جي پٽي جي ڪيترن ئي هنڌن تي انساني امداد جا 9 نوان ايئي ڊراپ ڪيا آهن. جن ۾ آمريڪا، فرانس، بيلجيئم، ڊنمارڪ ۽ مصري جهازن شرڪت ڪئي. العربيا اردو مطابق اردن جي فوج طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو قدم اردن جي جاري ڪ??شش?? ۽ غزه جي پٽي ۾ ماڻهن لاءِ طبي، امدادي ۽ خوراڪ موڪلڻ جي ڪ??شش?? تحت کنيو ويو آهي، جنهن جو ??قصد جنگ جي اثرن کي گهٽائڻ ۽ خوراڪ جي شديد کوٽ کي پورو ڪرڻ آهي. هن وضاحت ڪئي ته غزه جنگ جي شروعات کانپوءِ اردني فوج ڀائر ۽ دوست ملڪن جي سهڪار سان (اردن) جي هٿيار??ند?? فوج طرفان ڪيل 23 ايئر ڊراپس کان علاوه 29 اردني ايئر ڊراپس پڻ انجام ڏنا آهن. جن ۾ گڏيل عرب امارتن ۽ برطانيا حصو ورتو. آمريڪي فوج چيو آهي ته سي-130 ڪارگو جهازن گذريل ڏينهن غزه جي پٽي ۾ فضا مان امداد ڪيرائي. اها اردن سان آمريڪي فوج جو ??يون ايئرڊراپ آپريشن آهي. يو ايس سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) سوشل ميڊيا تي اطلاع ڏنو ته آمريڪي سي-130 جهاز اتر غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪندڙ 38 هزار کان وڌيڪ خوراڪ جا پ??ڪيٽ ڪيرايا ته جيئن جنگ سبب متاثر شهرين کي ضروري امداد تائين پهچ حاصل ٿي سگهي.
ڇهن ملڪن جي جهازن جو اتر غزه ۾ ايئر ڊراپ آپريشن
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil