مڪو شريف – 13 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي صدرات هيٺ هو?? (حج گروپ آرگنائزرز آف پاڪستان) سان مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مذهبي معاملن واري ??يڪ??يٽري ذوالفقار حيدر، ڊي جي حج عبدالوهاب سومرو، ڊائريڪٽر مڪه فهيم خان آفريدي، جوائنٽ ??يڪ??يٽري حج سجاد حيدر يلدرم شرڪت ڪئي. ترجمان مطابق اجلاس ۾ حافظ طاهر محمود اشرفي جي سربراهي ۾ پاڪستاني نجي حج ڪمپنين جا نمائندا پڻ شريڪ ٿيا. مذهبي معاملن واري وزير هدايت ڪئي ته سرڪاري ۽ پرائيويٽ حج پانڌيئڙن جي مشاعر ۾ سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي. مجمو??ي طور تي پرائيويٽ حج ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي. نجي حج پانڌيئڙن سان دوکو ڪندڙ ڪمپنين سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. مذهبي معاملن واري ??يڪ??يٽري چيو ته نجي حج ٽور آپريٽرز طوافه ڪمپنين سان جامع معاهدا ڪن. هو?? نجي اسڪيم جي حاجين جي حقن جي تحفظ لاءِ ايڪشن ڪميٽي جوڙي. حج پانڌيئڙا منيٰ عرفات ۾ شڪايتن جي صورت ۾ نسڪ ايپ ۾ موجود سعودي ادارن سان رابطو ڪن. اجلاس ۾ نجي حج اسڪيم جي شڪايتن جي ازالي لاءِ مربوط سسٽم جوڙڻ جو ف??صلو ڪيو ويو.
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي صدارت ۾ حج گروپ آرگنائزرز جو مشاورتي اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج