گڏيل قومون -23 سيپٽمبر (اي پي پي) ??اڪ??ت??ن چيو آهي، ته اسرندڙ ملڪ يو اين پيڪٽ فار فيوچر تي عملدرآمد ڪن. ان جو مقصد گهڻ رخي نظام کي تبديل ڪرڻ آهي، ان حوالي سان ماضي ۾ ڪيل واعدا پورا ناهن ڪيا ويا. انهن خيالن جو اظهار گڏيل قومن ۾ ??اڪ??تان جي مستقل نمائندي منير اڪرم هڪ بحث دوران ڪيو. هن چيو ته اسرندڙ ملڪ يو اين پيڪٽ فار فيوچر جو مقصد گهڻ رخي نظام کي تبديل ڪرڻ آهي ان لاءِ اسرندڙ ملڪ ان تي عمل ڪن، ان حوالي سان ماضي جو رڪارڊ همٿائيندڙ ناهي. منير اڪرم چيو ته بيشڪ اسان جيڪو معاهدو ڪيو آهي، اهو مڪمل ناهي، عالمي گورننس کي تبديل ڪرڻ ۽ پائيدار ت??قي جي 2030 ع جي ايجنڊا کي ٽربو چارج ڪرڻ ۽ بين بابت ڪيتريون ئي شقون آهن جن ۾ اسان انهن واعدن کان پوئتي هٽي ويا آهيون جيڪي ايس ڊي جي، جي سياسي پڌرائي ۽ ايتري تائي?? ته ايجنڊا 2030 ع ۾ شامل ڪيا ويا هئا. هن چيو ته تبديلي رڳو عمل ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارن جي حوالي سان ڪيل واعدن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو جن ۾ سوشل ڊولپمينٽ گولز کي حاصل ڪرڻ لاءِ ??وششن کي تيز ڪرڻ، 2021ع جي سوشل ڊولپمينٽ ريفارمز جي رکيل فنڊ جو 50 سيڪڙو اسرندڙ ملڪن کي فراهم ڪرڻ، عالمي مالياتي ادارن ۾ اسرندڙ ملڪن جي آواز ۽ نمائندگي کي وڌائڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي رعائيتي قرضن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. هن واپار بابت معاهدي جي شقن کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته ان شعبي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ت??قي جو انجڻ بڻجڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اسان کي نئين ماحولياتي تحفظ پسندي خلاف مزاحمت، اسرندڙ ملڪن لاءِ ترجيحي سلوڪ کي وڌائڻ گهرجي. ??اڪ??تاني سفير چيو ته اسان کي منصفاڻي ڊيٽا گورننس کي يقيني بڻائڻ ۽ مصنوعي ذهانت جي طاقت کي حاصل ڪرڻ گهرجي. اي آءِ ??ورننس تي هڪ سالياني مڪالمي سان گڏوگڏ ان جي صلاحيت جي تعمير تي هڪ فنڊ به رکڻ گهرجي. هن چيو ته اهم اسرندڙ ملڪن لاءِ ??مپيوٽنگ طاقت هوندي، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسرندڙ ملڪن کي جديد ترين ٽيڪنالاجيز ڊوائيسز تائين پهچ ۽ انهن مصنوعات کي حاصل ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي.
دنيا جا اسرندڙ ملڪ يو اين پيڪٽ فار فيوچر تي عمل ڪن: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری